ڊينگاڻ ڀرڳڙي 2

ڊينگاڻ ڀرڳڙي 2 (ڳوٺ): هي ڳوٺ پراڻي ٿرپارڪر جي جيمس آباد تعلقي جو اهم ڳوٺ هو ۽ هن وقت ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ شامل آهي. هي ڳوٺ سومرن ۽ ڪلهوڙن جي وقت کان اڳ ’جهانجهين مانجهين جو مقام‘ سڏبو هو، جيڪو پراڻي ڍوري جي ڪپ تي آباد هو. هن جا قديم نشان شادي پلي اسٽيشن کان اتر اولهه ۾ قبول محمد شاهه جي مقام ويجهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مشهور ڀرڳڙي خاندان جي وڏن مان رئيس ڏاتي خان ڀرڳڙيءَ جا فرزند خيرو خان ۽ جمال خان ڀرڳڙي موجوده ڊينگاڻ ۾ اچي رهيا ۽ ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ جي ترقيءَ ۾ رئيس ولي محمد خان ڀرڳڙيءَ جو وڏو هٿ هو، جيڪو سنڌ جي قومپرست سياستدان رئيس غلام محمد خان جـو والد هو. هن جو ڊينگاڻ جي ترقيءَ سان گڏ ڀرڳڙي خاندان جي ترقيءَ ۾ به وڏو هٿ رهيو. اڳتي هـلي ڊينـگاڻ ڀـرڳڙي، عظيم شخصيت رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي حوالي سان سڃاپجڻ لڳو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي تسلط ڪيو هو ته ڊينگاڻ جا ڀرڳڙي ٽالپرن سان گڏجي انگريزن سان وڙهيا هئا، جنهنڪري سر چارلس نيپيئر ڀرڳڙين جون جاگيرون منسوخ ڪري ڇڏيون هيون، جيڪي بعد ۾ ڪرنل تروٽ بحال ڪيون. رئيس ولي محمد خان هتي پرائمري اسڪول قائم ڪيو. ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ جي ان ئي پرائمري اسڪول مان اڳتي هلي رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن وقت ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ جو اهو اوج نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو